سڪندر منڌروڊاڪٽر

سڪندر منڌروڊاڪٽر

سڪندر منڌرو ڊاڪٽر

سڪندر منڌرو، ڊاڪٽر: ناميارو سياستدان ۽ پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ ڊاڪٽر سڪندر منڌرو ولد ٺارو خان منڌرو، 7 جولاءِ 1943ع تي بدين ۾ ڄائو. هن پرائمري، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم بدين مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي، ايم.بي.بي.ايس ۽ ايم.سي.پي.ايس جون ڊگريون حاصل ڪيون. ڊاڪٽر سڪندر منڌري جو ابتدا کان وٺي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان گهرو واسطو رهيو آهي ۽ سندس شمار بدين ضلعي جي اهم پارٽي اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو.
ڊاڪٽر سڪندر منڌرو 1993ع ۽ 1997ع وارين چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي پليٽفارم تان ايم. پي. اي چونڊيو ويو. 2013ع وارين چونڊن ۾ پڻ پي. ايس- 58 بدين-II ۽ اولڊ بدين- IV واري تڪ تان ڪاميابي حاصل ڪيائين. هن وقت ڊاڪٽر سڪندر منڌرو، سنڌ حڪومت ۾ قانون ۽ پارليامينٽري معاملن جو صوبائي وزير آهي.
ڊاڪٽر سڪندر منڌري جي گهر واري ڊاڪٽر خالده سڪندر تر جي نامور ڊاڪٽرياڻي آهي ۽ هميشه ماڻهن جي سماجي ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ اڳڀري رهندي آئي آهي. سندن مستقل رهائش ميمڻ محلي بدين ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1943.07.07  عيسوي

پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ ڊاڪٽر سڪندر منڌرو ولد ٺارو خان منڌرو، 7 جولاءِ 1943ع تي بدين ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجه محمد سعيد
ڀرت ڪمار ڍنگرا
ٻوڌراج ٻوڌ
ڀٽو مشتاق علي خان
راجا رام موهن راءِ
چيٽرجي سنيتي ڪمار
سنهڙو سائين
محمد عمر مڱريو پروفيسر
خليفو حاجي لطف الله سانوڻي هالائي
جادم جکرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون